ساماري ويجهوغريب پورهيت جا 2 ٻار مختلف محتلف بيمارين ۾ ورتل آهن، جڏهن ته هڪ نياڻي فوت ٿي چڪي آهي

samaro bar

ساماري ويجهوغريب پورهيت جا 2 ٻار مختلف محتلف بيمارين ۾ ورتل آهن، جڏهن ته هڪ نياڻي فوت ٿي چڪي آهي.

ڳوٺ خميسو سولنگي جي رهواسي پورهيت نبي بخش سولنگي جي نياڻي 23 ورهين جي شازيه ڪينسر جي بيماري ۾مبتلا آھي، پٽ چوٿين ڪلاس جو شاگرد 10 ورهين جو ڪريمداد  ساھ  ۽ الرجي جي بيماري ورتل آھي،

جڏهن ته پورهيت جي نياڻي 16 ورهين جي ماروي چمڙي ۽ جوڙن جي بيماري جو شڪار رهڻ بعد فوت ٿي وئي

ان حوالي سان  پورهيت نبي بخش سولنگي جو چوڻ آھي ته گهر ۾هو۽ هن جو پٽ ڪمائڻ وارا آهن،

 ڊاڪٽرن علاج جو خرچ لکين رپيا ٻڌايو آھي خرچ نه هجڻ ڪري پنهنجي ٻچن جو علاج بند ڪري ڇڏيو آهي.

هن اپيل ڪئي ته سندس ٻن ٻارن جي حياتي بچائڻ لاءِ علاج ۾ مدد ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*