سعودي عرب ۾ڪرپشن خلاف وٺ پڪڙي جاري آهي، گرفتار ڪيل ماڻهن جو انگ 201 ٿي ويو آهي

Saudi-Police-9-10

سعودي عرب ۾ڪرپشن خلاف وٺ پڪڙي جاري آهي، گرفتار ڪيل ماڻهن جو انگ 201 ٿي ويو آهي، سعودي اٽارني جنرل جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ هڪ کرب ڊالرن جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جنهن جا مضبوط ثبوت موجود آهن.

سعودي اٽارني جنرل جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سعودي عرب جي قانون موجب گرفتار ڪيل ماڻهن جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي ويندي.

سعودي اٽارني جنرل شيخ سعود المجيب جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڏهاڪن دوران هڪ کرب ڊالرن جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جن جا مضبوط ثبوت موجود آهن.

شيخ سعود المجيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي سربراهي ۾ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي تيزي سان ڪارروايون ڪري رهي آهي.

هن چيو ته ڪرپشن خلاف تازو ڪيل ڪاررواين دوران 208 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن مان 7 ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو آهي، جڏهن  ته 201 ماڻهن کي پڇا ڳڇا لاءِ حراست ۾ رکيو ويو آهي.

شيخ مجيب جو چوڻ آهي ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قائم ٿيل ڪميٽي وٽ جاچ جي اڳئين مرحلي لاءِ واضح مينڊئيٽ موجود آهي.

هن چيو ته اڱاري واري ڏينهن ڪجهه بئنڪ اڪائونٽ منجمند ڪيا ويا آهن، ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف جاري وٺ پڪڙ جو عام معاشي سرگرمين تي اثر نه پيو آهي، صرف ذاتي بئنڪ اڪائونٽ منجمند ڪيا ويا آهن.

ٻئي طرف انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري هيومن رائيٽس واچ سعودي عملدارن تي زور ڀريو آهي ته گرفتار ڪيل هر ماڻهو جا قانوني ۽ شهادتي تفصيل فوري طور جاري ڪيا وڃن ۽ سڀني لاءِ قانوني حقن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*