سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

imran and jhangheer tareen

سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته اهو ڪير نه سمجهي ته فيصلو سڀاڻي اچي ويندو.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي بابت نواز ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اڃا ڪيس بابت گهڻو مواد اچڻو آهي، اسان سچ جي ڳولا لاءِ ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته سچ ڳالهائڻ جو فائدو اهو آهي ته توهان کي ياد نه رکڻو پوندو ته پهريان ڇا چيو هو.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته عمران خان لنڊن فليٽ ظاهر ڪيو پرآف شور ڪمپني ظاهر نه ڪئي آهي.

نعيم بخاري دليلن ۾ چيو ته عمران خان اڄ تائين پنهنجي لکت واري جواب ۾ يوٽرن ناهي ورتو.

هن چيو ته عمران خان جي ڪنهن به بيان ۾ فرق ناهي، لنڊن فليٽ بابت مني ٽريل عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.

نعيم بخاري دليلن ۾ چيو ته لنڊن فليٽ کي ايمنسٽي اسڪيم ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي،آف شور ڪمپني ۾ عمران خان ڊائريڪٽر ناهي.

          جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ۾ چيو ته ملڪيت لڪائڻ ۽ غلطي ڪرڻ ۾ فرق آهي، عمران خان پنهنجو يورو اڪائونٽ ظاهر ناهي ڪيو.

          جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ۾ چيو ته عمران خان يورو اڪائونٽ ڪڏهن ۽ ڪيتري رقم سان کولي آهي.

      نعيم بخاري دليلن ۾ چيو ته عمران خان يورو جي رقم پاڪستان کڻي آيو آهي، عدالت کي ايمانداري ۽ بي ايماني ۾ فرق ڪرڻو آهي.

       عدالت نعيم بخاري جي دليلن بعد عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*