صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي بابت ڊي جي رينجرز جي بيان ۾ ڪا به اعتراض واري ڳالهه ناهي

nasir shah khi media talk

صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي بابت ڊي جي رينجرز جي بيان ۾ ڪا به اعتراض واري ڳالهه ناهي، رينجرز شهر ۾ امن لاءِ بهتر ڪم ڪيو آهي، رڳو 2 ميمبر ڊپٽي اسپيڪر خلاف آهن، شهلا رضا خلاف بي اعتمادي رٿ آئي ته ڏسي وٺنداسين.

سنڌ اسميبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته آدمشاري جي نتيجن تي اسان جي اعتراض جو حل اهو ئي آهي ته ڪجهه بلاڪن ۾ ٻيهر آدمشماري ڪرائي وڃي.

هن چيو ته ڊي جي رينجرز جي بيان ۾ ڪا به اعتراض جوڳي ڳالهه ناهي، رينجرز شهر ۾ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

صوبائي وزير چيو ته ڊي جي رينجرز سياسي جماعتن سان ملي ته ان ۾ ڪا به غلط ڳالهه ناهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ ناصر شاهه چيو ته شهلا رضا خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي ته ان کي ڏسي وٺنداسين، رڳو ٻه ميمبر شهلا رضا خلاف آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*