فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ چار ڀيرا ٽائيٽل حاصل ڪندڙ اٽلي جي ٽيم تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايونٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي

football italy team

فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ چار ڀيرا ٽائيٽل حاصل ڪندڙ اٽلي جي ٽيم تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايونٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ سويڊن خلاف کيڏي ويل ميچ بغير فيصلي جي ختم ٿي وئي.

پهرين ميچ ۾ سويڊن اٽلي جي ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏني هئي،جنهن سبب اٽلي جي ٽيم ميگا ايونٽ لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي.

اٽلي جي ٽيم جي گول ڪيپر جنهن کي هلندڙ سال فيفا پاران بهترين گول ڪيپر جو ايوارڊ ڏنو ويو ، ميچ ۾ شڪست بعد هن رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اٽلي جي ٽيم سويڊن سان ميچ برابر ڪئي،جنهن بعد 59سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي.

فيفا فٽبال ورلڊڪپ 2018 ايندڙ سال روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ رٿيل آهي.

اٽلي جي ٽيم يورپ کان پهرين رائونڊ ۾ ڊائريڪٽ ڪواليفآءِ نه ڪري سگهي،،جنهن سبب کين سويڊن سان ٻه ميچز کيڏڻيون پيون.

واضح رهي ته اٽلي جي ٽيم 1934کان پوءِ 1938فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ سان گڏ 1980،جنهن بعد 2006۾ عالمي ڪپ پنهنجي نالي ڪيو.

سويڊن جي ٽيم صرف هڪ ڀيرو پنهنجي سرزمين تي 1958۾ ورلڊ ڪپ جي فائنل تائين پهتي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*