قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نو لانگ ڊيم منصوبو بلوچستان نه پر پوري پاڪستان جو منصوبو آهي

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نو لانگ ڊيم منصوبو  بلوچستان نه پر پوري پاڪستان جو منصوبو آهي، منصوبي کي وقت سر مڪمل نه ڪرڻ سبب ان جي لاڳت 9 ارب روپين مان وڌي 31 ارب روپين تائين پهچي وئي آهي.

اسلام آباد ۾ پي اي سي اجلاس ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نو لانگ ڊيم منصوبي سان بلوچستان صوبي جي 2 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهي ٿي،ڊيم ٺاهي پاڻي جو مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو.

هن چيو ته بلوچستان صوبي ۾ زمين اندر پاڻي جي صورتحال خراب آهي،10 سالن بعد پاڻي نه هجڻ سبب تباهه ٿي وينداسين.

خورشيد شاهه چيو ته اسلام آباد ايئرپورٽ منصوبي جي لاڳت به 35 ارب روپين مان وڌي 105 ارب روپين تائين پهچي وئي آهي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي محمود اچڪزئي چيو ته جيڪڏهن واپڊا کي پئسا نه مليا ته 3 ڀيرا ٽينڊر ڪيئن ٿيا آهن.

واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين شڪيل دراني چيو ته اڳوڻي ناڻي واري وفاق وزير کي هر اجلاس ۾ پيسن لاءِ چونداسين هئاسين پر ٽالو مٽول ڪيو ويندو هو.

هن چيو ته واپڊا کي پئسا نه ملندا ته ڪم ڪيئن ٿيندو، جنهن ڪري ڊيم جو ڪم وقت سر مڪمل ٿي نه سگهيو آهي.

 اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي نادرا چيئرمين چيو ته سيف سٽي تحت اسلام آباد ۾ 1700 ڪيمرائون لڳايون ويون آهن ۽ بم پروف بلڊنگ ۾ ڪمانڊ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*