لبناني وزيراعظم پاران استعيفيٰ ڏيڻ جي اعلان کانپوءِ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي

lubnan

 لبناني وزيراعظم پاران استعيفيٰ ڏيڻ جي اعلان کانپوءِ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، حزب الله سعودي عرب تي لبنان خلاف جنگ شروع ڪرڻ جو الزام هينو آهي.

 حزب الله  سربراهه حسن نصرالله چيو آهي ته لبنان تي حملو ڪرڻ لاءِ اسرائيل کي اربين ڊالر ڏيڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.

امريڪا جو چوڻ آهي ته پنهنجي جنگ ۾لبنان کي استعمال نه ڪيو وڃي،ٻئي طرف ايران چيو آهي ته سعد حريري جي استعيفيٰ سعودي ولي عهد شهزادي سلمان ۽ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي منصوبي جو حصو آهي.

هڪ ٽيليويزن تقرير ۾حزب الله سربراهه جو چوڻ هو ته وزيراعظم سعد حريري جي عهدي تان استعيفيٰ لبنان جي سياست ۾ سعودي عرب جي مداخلت جو نتيجو آهي.

هن الزام هنيو  ته سعد حريري کي سندس مرضي کان بنا سعودي عرب ۾ ترسايو ويو آهي، اسان لبنان ۾ سعودي عرب جي مداخلت جي مذمت ڪيون ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب لبنان ۽ حزب الله خلاف جنگ شروع ڪري ڏني آهي پر مان اهو چوندس ته اها لبنان خلا ف جنگ آهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سعودي عرب لبنان تي حملو ڪرڻ لاءِ اسرائيل کي ڀڙڪائي رهيو آهي، جنهن لاءِ اسرائيل کي اربين ڊالر ڏيڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.

ٻئي طرف امريڪا جي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن خبردار ڪندي چيو آهي ته پنهنجي جنگ ۾لبنان کي استعمال نه ڪيو وڃي.

 هن جو چوڻ هو ته امريڪا لبنان جي آزادي جي حمايت ڪري ٿو، لبنان جي وزيراعظم سعدي حريري سعودي بادشاهه شاهه سلمان سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ رياض ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ذريعي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

 لبناني صدر پاران سندس استعيفيٰ اڃا قبول نه ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف لبنان ۾چوٻول آهن ته سعد حريري کي سعودي عرب ۾ نظربند ڪيو ويو آهي.

سعد حريري جي استعيفيٰ بابت ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنا اي جي صلاحڪار بيان جاري ڪيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته سعد حريري جي استعيفيٰ سعودي ولي عهد شهزادي سلمان ۽ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي منصوبي جو حصو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*