ميهڙ ۾ سول جج اسڪول تي 9 سالن کان ٿيل قبضو ختم ڪرائي تعليم کاتي جي عملدارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

mehar

 ميهڙ ۾ سول جج اسڪول تي 9 سالن کان ٿيل قبضو ختم ڪرائي تعليم کاتي جي عملدارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

 فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد احسن شيخ گرلس مڊل اسڪول بالي شاهه جو اوچتو دورو ڪيو.

سول جج جي دوري دوران اسڪول تيهڪ شخص جو قبضو ڪيل هو ۽ اسڪول ۾ چوپايو مال پڻ ٻڌل هو، جنهن تي سول جج پوليس کي گهرائي اسڪول تان قبصو ختم ڪرائي ڇڏيو.

سول جج علائقي واسين کان معاملي جي معلومات حاصل ڪرڻ کانپوءِ تعليم کاتي جي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي رپورٽ موڪلي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*