هالي ووڊ اسٽار نڪول ڪڊمين ۽ سپر ماڊل گيگي هديد کي گليمرس وومين آف دي ايئر قرار ڏنو ويو آهي

usa glamour women of he year

هالي ووڊ اسٽار نڪول ڪڊمين ۽ سپر ماڊل گيگي هديد کي گليمرس وومين آف دي ايئر قرار ڏنو ويو آهي، لسٽ ۾ سنگر، سياستدان عورتون به شامل آهن.

نيويارڪ ۾ ٿيل تقريب ۾ اداڪاره ڊريو بيري مور  27 هين گليمرس وومين جو ايوارڊ نڪول ڪڊمين حوالي ڪيو، ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته ايوارڊ سندس لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي.

انکانسواءِ سپر ماڊل گيگي هديد کي به ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته سنگر سولنگي نووليس، ڪانگريس وومين ميگزائن وارٽرز ۽ ونڊر ومين جي ڊائريڪٽر پيٽي جينڪسن کي به اعزاز سان نوازيو ويو.

خلابا پيگي وِٽسن، ليٽ نائيٽ شو جي مزيبان سمانٿا بــِي شامي پناهگير عورت معزون الميلهان ۽ اطالوي فيشن ڊزائنر ماريا گريزيا چيوري کي به سندن شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي مڃتا طور گليمرس ايوارڊ ڏنو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*