هالي ووڊ فلم “ دي پوسٽ” آسڪر ايوارڊ لاءِ فيوريٽ بڻجي وئي، نيشنل بورڊ آف روينيو تاريخي فلم کي سال جي بهترين فلم قرار ڏئي ڇڏيو

the post movie

هالي ووڊ فلم “ دي پوسٽ” آسڪر ايوارڊ لاءِ فيوريٽ بڻجي وئي، نيشنل بورڊ آف روينيو تاريخي فلم کي سال جي بهترين فلم قرار ڏئي ڇڏيو.

نيويارڪ ۾ 100 سال پراڻي اڪيڊميز ۽ فلم ميڪرز تي ٻڌل گروپ “ دي نيشنل بورڊ آف ريونيو ” هلندڙ سال جي 10 بهترين فلمن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي، جن کي ايندڙ سال 9 جنوري تي تقريب ۾ ايوارڊ ڏنا ڏنا ويندا.

جاري ڪيل فهرست موجب امريڪا جي تاريخي فلم “ دي پوسٽ ” کي هلندڙ سال جي بهترين فلم قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کانپوءِ فلم جي آسڪر ايوارڊ ماڻڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.

سال جي 10 بهترين فلمن ۾“ بيبي ڊرائيور، ڪال مي باءِ يوئر نيم، دي ڊزاسٽر آرٽسٽ، ڊائون سائيزنگ، ڊنڪرڪ،دي فلوريڊا پروجيڪٽ، گيٽ آئوٽ، ليڊي برڊ، لوگان ۽ ڦينٽم ٿريڊ شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*