ٺاروشاهه ۾ همالي پهلوان اڍائي مڻ ڪڻڪ جي ٻوري کڻي 4 ڪلوميٽر ڊوڙ جو مقابلو پنهنجي نالي ڪري ورتو

tharushah

ٺاروشاهه ۾ همالي پهلوان اڍائي مڻ ڪڻڪ جي ٻوري کڻي 4 ڪلوميٽر  ڊوڙ جو  مقابلو پنهنجي نالي ڪري ورتو.

ڪنڊيارو اسٽاپ تان همالي پهلوان صابر اڄڻ 100 وزني ڪڻڪ جي ٻوري مٿي تي کڻي 4 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.

جڏهن ته مقابلي ۾ پهلوانن توڙي شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي پهلوانن چيو ته اهڙن موقعن تي پهلوان پنهنجو زور آزمائي شهرت ماڻين ٿا.

هنن چيو ته سنڌ ۾ اهڙا مقابلا ٿيڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته اهڙن مقابلن مان ماڻهو  لطف اندوز ٿين ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*