ٽيسٽ ڪرڪيٽر سعيد اجمل ٽنهي فارميٽ جي ڪرڪيٽ کان رٽائرمنٽ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

saeed ajmal

ٽيسٽ ڪرڪيٽر سعيد اجمل ٽنهي فارميٽ جي ڪرڪيٽ کان رٽائرمنٽ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

سعيد اجمل ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ان حُوالي سان باقائده اعلان ڪندو.

سعيد اجمل ٽن ورهين تائين پاڪستان جو نمبر هڪ بالر رهيو هو.

مشڪوڪ بالنگ کي ڪليئر ڪرائڻ بعد سعيد اجمل جي بالنگ ۾سٺي ثابت نه رهي،جنهن سبب کيس قومي ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو.

سعيد اجمل  بالنگ ايڪشن ڪليئر ڪرائڻ بعد  اپريل 2015۾ بنگلاديش  خلاف  آخري ون ڊي ۽ٽي-ٽوئنٽي ميچ کيڏي،جڏهن ته آخري ٽيسٽ 2014۾ سري لنڪا خلاف کيڏي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد اجمل جو چوڻ هوته هن ٻن سالن تائين قومي ٽيم ۾ واپس اچڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪئي، پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو.

سندس چوڻ هوته هن پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر دوران تمام گهڻو انجواءِ ڪيو ۽ هاڻي هن ڪرڪيٽ کي الوداع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

واضح رهي ته سعيد اجمل 35ٽيسٽ ميچز ۾ 178وڪيٽون حاصل ڪيون.

113 ون ڊي ميچز ۾ 184،جڏهن ته 64ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ 85  وڪيٽون حاصل ڪيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*