پاپ سنگر شان مينڊيز ايم ٽي وي يورپ ميوزڪ ايوارڊ جو ميلو لٽي ورتو، ڪينيڊين سنگر ٽاپ ايوارڊ گهر کڻي ويو

music show ema

پاپ سنگر شان مينڊيز  ايم ٽي وي يورپ ميوزڪ ايوارڊ جو ميلو لٽي ورتو، ڪينيڊين سنگر ٽاپ ايوارڊ گهر کڻي ويو.

لنڊن ۾ ٿيل تقريب جي ميزبان برطانوي آر اينڊ بي سنگر “رِيٽا اورا” هئي، شو جي شروعات امريڪي سنگر “ايمينيم” پنهنجي نئين سانگ “واڪ آن واٽر” ڳائي ڪئي، سندس حصي ۾ “بيسٽ هــِپ هاپ” آرٽسٽ جو ايوارڊ به ڏنو ويو.

تقريب دوران شان مينڊيز “بيسٽ سانگ”، “بيسٽ آرٽسٽ” ۽ “بگيسٽ فينس” ايوارڊ ماڻيا.

پاپ سنگر ٽيلر سوئفٽ جيتوڻيڪ سڀ کان وڌيڪ 6 ڪيٽيگريز ۾ نامزدگيون ماڻيون هيون پر هوءَ هڪ به ايوارڊ حاصل نه ڪري سگهي.

آئرش راڪر يو ٽو کي ڏهاڪن تائين ميوزڪ انڊسٽري تي راڄ ڪرڻ جي مڃتا طور “گلوبل آئڪن” ۽ ڪاميلا ڪيبيلو کي “بيسٽ پاپ” جو ايوارڊ ڏنو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*