پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آلرائونڊر محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن جي رپورٽ سڀاڻي تائين اچي ويندي

Muhammad-Hafeez--7-715

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آلرائونڊر محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن جي رپورٽ سڀاڻي تائين اچي ويندي.

محمد حفيظ جو پهرين نومبر تي انگلينڊ ۾ بالنگ ٽيسٽ ٿي هئي.

محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن کي گذريل مهيني سري لنڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ مشڪوڪ قرار ڏنو ويو هو.

محمد حفيظ کي 14ڏينهن دوران بالنگ ايڪشن تي پورو ڌيان ڏنو،جنهن بعد هن سري لنڪا خلاف ٽي-ٽوئنٽِي سيريز بعد هن انگلينڊ ۾ لف براڪي بايو ميڪينڪ ليب ۾ مشڪوڪ بالنگ ايڪشن جي ٽيسٽ ڏني،جنهن بعد ٽيسٽ جي رپورٽ 14 ڏينهن اندر اچڻ جو چيو ويو هو.

محمد حفيظ کي اميد آهي ته رپورٽ مثبت ايندي، ڇاڪاڻ جو هن پنهنجي بالنگ ايڪشن کي تبديل نه ڪيو آهي ۽ هو ساڳي طرح بالنگ ڪري رهيو آهي،جيئن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪندو رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*