پي ايس ايل جي ٽيم اسلام آباد يونائيٽڊ جي هيڊ ڪوچ ڊين جونز جو چوڻ آهي ته

dean jones

پي ايس ايل جي ٽيم اسلام آباد يونائيٽڊ جي هيڊ ڪوچ ڊين جونز جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پي سي بي، حڪومت ، آرمي ۽پوليس شاندار ڪم ڪري رهي آهي.

هڪ ٽي وي چيئنل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته دهشگردي جا واقعا پوري دنيا ۾ ٿيندا رهندا آهن.

هن چيو ته لنڊن به دهشتگردي جي واقعن کان محفوظ نه آهي ۽جيڪڏهن ته هن ڀيري ٽيم فئانل ۾ پهتي ته ٽيم جا سمورا غيرملڪي رانديگر ڪراچي ۾ فائنل ميچ ۾ شرڪت ڪندا.

ڊين جونز جو وڌيڪ چوڻ هوته پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي ۽ پي ايس ايل جي فائنل سميت ورلڊ اليون ۽سري لنڪن ميچ ۾ سيڪيورٽي جو معيار شاندار رهيو ۽ گهڻُو پراميد آهي ته پاڪستان ۾ جلد فل سيريز کيڏڻ لاءِ ٽيمون اينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*