ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، عورتن تي چاقو حملي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شهزاد کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 5 ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ جي رپورٽ به منظور ڪري ورتي آهي

atc court

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، عورتن تي چاقو حملي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شهزاد کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 5 ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ جي رپورٽ به منظور ڪري ورتي آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ گلستان جوهر ۾ عورتن کي چاقو سان حملو ڪري زخمي ڪرڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي.

پوليس پاران فوجداري جي شق 497 جي رپورٽ پيش ڪندي سفارش ڪئي ته سمورن 5 ڪيسن ۾ جوابدار شهزاد کي آزاد ڪيو وڃي.

پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته جوابدار خلاف ڪي به شاهديون ناهن مليون.

عدالت پوليس جي سفارش منظور ڪندي عورتن تي چاقو حملن جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار شهزاد کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*