ڪرپشن جي الزامن کي منهن ڏيندڙ بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سريندر ڪمار سنها پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي

dhaka bangladesh chief justice

ڪرپشن جي الزامن کي منهن ڏيندڙ بنگلاديش جي  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سريندر ڪمار سنها پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، بنگلاديشي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سريندر ڪمار سنها 6 هفتن جي موڪلن کان پوءِ چيف جسٽس جي عهدي تان استعيفي ڏني.

بنگلاديشي صدر جي ترجمان جوئينل ابيدن تصديق ڪندي چيو آهي ته چيف جسٽس جي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

چيف جسٽس سريندر ڪمار بنگلاديش جي پارليامينٽ جا اختيار ختم ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي اپيلٽ بئنچ جي سربراهي ڪري رهيو هو.

اپيلٽ بينچ پاران قانونساز ڪئي وئي هئي ته ادارو ملڪ جي اعليٰ ترين عدليا جي ججن کي سندن عهدن تان هٽائي سگهي ٿو.

اهڙي فيصلي کانپوءِ چيف جسٽس سريندر ڪمار حڪومت جي شديد تنقيد کي منهن ڏئي رهيو هو.

جسٽس سريندر ڪمار گذريل مهيني هڪ مهيني جي موڪل تي پرڏيهه هليو ويو هو، جنهن ڏيهه اچڻ بعد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*