آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان آمريڪي سفارتخانو تل ابيب کان بيت المقدس منتقل ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ترڪي ۽ پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن

protest against trump's ban

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان آمريڪي سفارتخانو تل ابيب کان بيت المقدس منتقل ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ترڪي ۽ پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن، ترڪ صدر طيب اردگان چيو آهي ته بيت المقدس بابت اردن جي موقف جي حمايت ڪيون ٿا، بيت المقدس جي حمايت ۾ 13 ڊسمبر تي او آءِ سي جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ ان حوالي سان تفصيلي غور ڪيو ويندو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان آمريڪي سفارتخانو تل ابيب کان بيت المقدس منتقل ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ترڪي، انڊونيشيا ۽ پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن.

ترڪي، انڊونيشيا ۽ مختلف ملڪن ۾ ماڻهن احتجاج ڪندي آمريڪي صدر جي پاليسين خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ترڪ صدر طيب اردگان به آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته بيت المقدس بابت اردن جي موقف جي حمايت ڪيون ٿا،

ترڪ صدر طيب اردگان چيو آهي ته بيت المقدس جي حمايت ۾ 13 ڊسمبر تي او آءِ سي جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ ان حوالي سان تفصيلي غور ڪيو ويندو.

هوڏانهن گڏيل قومن چيو آهي ته بيت المقدس جي مستقبل جو فيصلو اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ڳالهين ذريعي ٿيڻ گهرجي.

گڏيل قومن چيو آهي ته ٻئي ڌريون ويهي مسئلي جو حل ڪڍن، اسان کي اهڙن قدمن بابت محتاط رهڻو پوندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*