اسلام آباد جي احتساب عدالت العزيزيه ريفرنسز ۾ شاهدن پاران پيش ڪيل دستاويزن تي نوازشريف جا اعتراض رد ڪندي دستاويزن کي رڪارڊ جو حصوبڻائي ڇڏيو آهي

atc

اسلام آباد جي احتساب عدالت العزيزيه ريفرنسز ۾ شاهدن پاران پيش ڪيل دستاويزن تي نوازشريف جا اعتراض رد ڪندي دستاويزن کي رڪارڊ جو حصوبڻائي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ العزيزيه ريفرنسز جي ٻڌڻي ٿي،  شاهد نورين شهزاد طرفان نوازشريف خلاف پرڏيهي ڪرنسي سميت ٽن بينڪ اڪائونٽس جا تفصيل پيش ڪيا.

نوازشريف جي مددگار وڪيل عائشه حامد دستاويزن تي لکت اعتراض ڪندي چيو ته نورين شهزاد نيب جي شاهد نه آهي، هو ڪهڙي حيثيت سان عدالت ۾ دستاويز پيش ڪري رهي آهي. .

جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته هاڻ بينڪ مينيجر نورين شهزاد آهي، جنهن سبب سندس دستاويزن کي به رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي، جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪيو، جنهن کي ٻڌڻي دوران ٻڌايو ويو.

عدالت فيصلو ٻڌائيندي خانگي بينڪ جي مينيجر طرفان پيش ڪيل دستاويزن تي نوازشريف جي وڪيل عائشه حامد جا  اعتراض رد ڪندي نورين شهزاد طرفان پيش ڪيل دستاويزن کي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*