اسلام آباد يونائيٽڊجي هيڊ ڪوچ ڊين جونز چيو آهي ته شاداب خان وڏو ٽئلنٽ ڪرڪيٽر آهي

dean jones

اسلام آباد يونائيٽڊجي هيڊ ڪوچ ڊين جونز چيو آهي ته شاداب خان وڏو ٽئلنٽ ڪرڪيٽر آهي ۽ان کي بيٽنگ جا وڌيڪ موقع فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هڪ انٽرويو ۾ ڊين جونز چيو ته شاداب خان هڪ سٺي بالر سان گڏ بهترين بيٽسمين آهي ۽کيس جيڪڏهن ڇهين نمبر تي بيٽنگ ڪرائي وڃي ته بهتر ٿيندو.

ڊين جونز چيو ته آسٽريليا سان سميت ٻين انٽرنيشنل ٽيمن جو پاڪستان نه اچڻ سان پاڪستان ۽ عالمي ڪرڪيٽ کي نقصان پهتو آهي، پر پي ايس ايل ۽غيرملڪي ڪوچز پاڪستان جي ڪرڪيٽ کي فائدو پهچايو آهي.

ڊين جونز آسٽريليا جو پاڪستان نه اچڻ تي شديد تنقيد ڪندي چيو ته 1988کان بعد ڪينگروز جي ٽيم پاڪستان ۽ عالمي ڪرڪيٽ کي نقصان پهتو آهي ۽ هو گهڻُو پراميد آهي ته جلند ٻاهرين ملڪن جون ٽيمون پاڪستان اينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*