اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ معطل ٿيل قومي ڪرڪيٽر شرجيل خان وزير اعظم ۽ چيف آف ارمي اسٽاف کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي

sharjeel-khan

اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ معطل ٿيل قومي ڪرڪيٽر شرجيل خان وزير اعظم ۽ چيف آف ارمي اسٽاف کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي،سندس چوڻ آهي ته جنهن به حد تائين کيس وڃڻو پيو هو ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چيئرمين پي سي بي سان ملي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ چاهيا ٿو.

شرجيل خان وڌيڪ چيو ته کيس اينٽي ڪرپشن يونٽ زبردستي هن ڪيس ۾ ڦاسايو آهي.

هن چيو ته هڪ ڀيرو پنهنجي مٿان مڙهيل الزامن کي رد ڪندي چيو ته انصاف لاءِ جنهن حد تائين وڃڻُو پيو ويندس.

سندس چوڻ هو ته پي سي بي چيئرمين غيرجانبدار ٿي معاملي کي ٻڌي ڇاڪاڻ جو سزا سان کيس ۽ سندس فيملي کي شديد زهني ازيت کي منهن ڏيڻُو پئجي رهيو آهي.

شرجيل خان چيو ته چيف جسٽس کي ان معاملي جو پاڻ مرادو نوٽس وٺڻ گهرجي ۽ نجم سيٺي کي گهرائي جيئن هو پنهنجو معاملو ڪليئر ڪرائي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*