اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز جي ميمبرشپ معطلي بابت تحريڪ انصاف جي لکيل خط جو جواب ڏئي ڇڏيو

election

اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز جي ميمبرشپ معطلي بابت تحريڪ انصاف جي لکيل خط جو جواب ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته حلف کڻڻ باوجود ڪلثوم نواز قومي اسيمبلي جي ميمبر رهي سگهي ٿي، آرٽيڪل 65 تحت ايوان ۾ ويهڻ يا ووٽ ڏيڻ لاءِ حلف ضروري آهي، آئين ۽ قانون ۾ چونڊجڻ تي حلف کڻڻ جي ڪا به ڊيڊ لائن نه آهي.

تحريڪ انصاف نواز ليگ اڳواڻ ڪلثوم نواز جي ميمبرشپ معطلي بابت اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو هو.

اليڪشن ڪميشن جواب ڏيندي چيو آهي ته  حلف کڻڻ باوجود ڪلثوم نواز قومي اسيمبلي جي ميمبر رهي سگهي ٿي،

اليڪشن ڪميشن جواب ۾ چيو آهي ته آرٽيڪل 65 تحت ايوان ۾ ويهڻ يا ووٽ ڏيڻ لاءِ حلف ضروري آهي،

اليڪشن ڪميشن موجب، آئين ۽ قانون ۾ چونڊجڻ تي حلف کڻڻ جي ڪا به ڊيڊ لائن نه آهي.

واضح رهي ته ڪلثوم نواز اين اي 120 تي قومي اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي وئي هئي، بيماري سبب سندس علاج لنڊن ۾ ٿي رهيو آهي،

ڪلثوم نواز پرڏيهه ۾ هئڻ سبب حلف نٿي کڻي سگهي، جنهن تي تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*