امريڪا ۾ ٻيلي کي لڳل باهه وسائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون، سوين گهر سڙي رک ٿي ويا

america fire

امريڪا ۾ ٻيلي کي لڳل باهه وسائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون، سوين گهر سڙي رک ٿي ويا.

 ڪيليفورنيا جي گورنر رياست ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي.

 ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ امدادي سرگرميون تيز ڪيون ويون.

 لاس اينجلس کان لڳ ڀڳ 80 ڪلوميٽر جي فاصلي تي 5 هزار ايڪڙن تي ٻڌل ٻيلي کي گذريل ڏينهن کان لڳل باهه جي نتيجي ۾علائقي واسي خوف ۽ هراس جو شڪار ٿي ويا آهن.

 رياست جي گورنر جيري برائون پاران صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.

 باهه وسائڻ لاءِ هڪ هزار فائر فائيٽر مقرر ڪيا ويا آهن پر باهه جي پکيڙ ۾ گھٽتائي نه اچي سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*