امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يروشلم کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ بابت اڄ اعلان ڪندو

  trump-us-president-71117

        امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يروشلم کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ بابت اڄ اعلان ڪندو.

         عرب ملڪن امريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته يروشلم کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ جا سٺا نتيجا نه نڪرندا.

          وائيٽ هائوس جي ترجمان سارا سينڊز پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته ڊونلڊ ٽرمپ امريڪي سفارتخاني کي تل ابيب مان يروشلم منتقل ڪرڻ بابت اڄ اعلان ڪندو.

           امريڪي عملدارن موجب ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي وقت مطابق رات جو 11 وڳي اهڙو اعلان ڪندو.

          اعليٰ امريڪي عهديدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ اڄ يروشلم کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪندو، جڏهن ته سفارتخاني جي منتقل ٿيڻ ۾ 6 مهينا دير جو امڪان آهي.

        سعودي عرب، فلسطين،اردن مراڪش، ترڪي، مصر، عرب ليگ، يورپي يونين ۽ امريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ڪيترن ئي عملدارن امريڪي سفارتخاني کي يروشلم منتقل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي.

         امريڪا جي اهڙي فيصلي تي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان ڊونلڊ ٽرمپ سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته اهڙو اعلان خطرناڪ قدم هوندو، جنهن سان سڄي دنيا ۾ اشتعال پکڙجندو.

           فلسطين جي صدر محمود عباس امريڪي هم منصب کي چيو ته اهڙو ڪو به قدم امن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*