بالي ووڊ اسٽار ڪرينا ڪپور “ ٽرينڊ سيٽلر آف دي اِيئر ” فلم فيئر اسٽائل اينڊ گليمر ايوارڊ ماڻي ورتو

karena kapoor

بالي ووڊ اسٽار ڪرينا ڪپور “ ٽرينڊ سيٽلر آف دي اِيئر ” فلم فيئر اسٽائل اينڊ گليمر ايوارڊ ماڻي ورتو.

ڀارت جي شهر ممبئي ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ مس ورلڊ مانوشي چلر خاص طور شرڪت ڪئي.

 خوبصورت لباس پَهَرِيَلَ بالي ووڊ اسٽار ڪرينا ڪپور خان، ڪترينا ڪيف، ڪرش فيم رتيڪ روشن، شاهد ڪپور، سونم ڪپور، هما قريشي ۽ ٻيا اسٽيج تي منفرد انداز سان فوٽو شوٽ ڪرائيندا رهيا.

ان موقعي تي بالي ووڊ سپر اسٽار ڪرينا ڪپور خان کي “ ٽرينڊ سيٽلر آف دي اِيئر ” قرار ڏئي ايوارڊ ڏنو ويو.

تقريب ۾ عاليه ڀٽ بالي ووڊ ليجنڊ اميتاب بچن کي اسٽائل آئڪون قرار ڏنو.

فلم فيئر اسٽائل اينڊ گليمر ايوارڊ هر سال ڏنو ويندو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*