باڊهه ۾ آمريڪا طرفان يروشيليم “بيت المقدس” کي اسرائيل جي گادي جو هنڌ قرار ڏيڻ خلاف ايس ٽي پي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

badah

باڊهه ۾ آمريڪا طرفان يروشيليم “بيت المقدس” کي اسرائيل جي گادي جو هنڌ قرار ڏيڻ خلاف ايس ٽي پي پاران احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو آهي.

ايس ٽي پي جي اڳواڻن قادر  بروهي، منور نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته آمريڪا بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي جو هنڌ قرار ڏئي ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي.

هنن چيو ته اها يهودي لاٻي ۽ مسلمانن  جي وچ ۾ نفرت وڌائڻ جي هڪ چال آهي، جنهن سان دنيا ۾ ٽئين عالمي جنگ کي هٿي ڏيڻ برابر آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته بيت المقدس فلسطينن ۽ مسلمانن لاءِ هڪ وڏي اهميت رکي ٿو.

هنن آخر ۾ گهر ڪئي ته دنيا ۾ مذهبي نفرت پيدا ڪندڙ آمريڪي صدر کي فوري طور هٽائي، يروشيليم کي ڏنل اسرائيل جي گادي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*