تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪ قرضن ۾ ٻڏي ويو آهي، آمدني ۽ خرچن ۾ فرق سبب ملڪي خسارو وڌي ويو آهي

imran khan

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪ قرضن ۾ ٻڏي ويو آهي، آمدني ۽ خرچن ۾ فرق سبب ملڪي خسارو وڌي ويو آهي، وفاقي حڪومت ريونيو گڏ نٿي ڪري سگهي،  اسان کي حڪومت ملي ته عوام کان 8 سئو ارب روپيا گڏ ڪري ڏيکارينداسين.

بنون ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ قرضن ۾ ٻڏي ويو آهي، آمدني ۽ خرچن ۾ فرق سبب ملڪي خسارو وڌي ويو آهي، وفاقي حڪومت ريونيو گڏ نٿي ڪري سگهي.

 هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي مرڪز ۾ حڪومت ملندي، مان قوم کان 8سئو ارب رپيا جمع ڪري ڏيکاريندس، جيڪي ملڪ جي تعليم ۽ صحت تي خرچ ڪيا ويندا.

هن چيو ته اسان اهو پئسو پنهنجي نوجوانن تي خرچ ڪنداسين ته جيئن اهي قوم کي اڳڪتي کڻي اچن.

عمران خان چيو ته مان اهو پاڪستاني آهيان، جنهن کي پاڪستان جو عوام وڌيڪ پيسا ڏيندا آهي، اسان جيڪو به پئسو گڏ ڪنداسين، ان کي سڀ کان اڳ ۾ تعليم تي خرچ ڪيو ويندو.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته اسان پنهنجي نوجوانن جي تعليم تي پيسو خرچ ڪنداسين ته جئين اهي اسان جي طاقت بڻجي سگهن.

عمران خان چيو ته سنگاپور يونيورسٽي جي سالياني بجٽ پاڪستان جي تعليم جي بجٽ جيتري آهي، پاڪستان ۾ نوجوانن جي آبادي دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي، اسان ملڪ لاءِ اهوڪم ناهي ڪيو، جيڪو ڪرڻ گهرجي ها……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*