تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو ته

imran khan media talk

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو ته يروشلم کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ تي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سڀني مسلمانن کي امريڪا خلاف اٿي کڙو ٿيڻ گهرجيآمرن جي هنج ۾ پليل ماڻهو پرامن احتجاج کي دهشتگردي قرار ڏين ٿا، ماڊل ٽائون سانحي ۾ هٿين خالي ماڻهن تي گوليون وسايون ويون، شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُالله کي جيل موڪلڻ گهرجي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته يروشلم کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ تي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سڀني مسلمانن کي امريڪا خلاف اٿي کڙو ٿيڻ گهرجي

هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ هٿين خالي ماڻهن کي گوليون هنيون ويون ۽ مارجي ويلن ۾ ٻه عورتون به شامل هيون،

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو ته شهباز شريف ۽ رانا ثناءُالله کي دهشتگردي واري ڪيس ۾ اندر وڃڻ گهرجي.

هن چيو ته اسان صاف ۽ شفاف اليڪشن لاءِ پرامن سياسي احتجاج ڪيو ته مون تي دهشتگردي جو ڪيس ٺاهيو ويو، آمر جي جهولي ۾ نپجندڙ ئي ڪنهن تي دهشتگردي جو ڪيس ڪري سگهن ٿا.

عمران خان وڌيڪ چيو ته طاهرالقادري کي يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته جڏهن هو رستن تي نڪرندو ته ساڻس گڏ هونداسين.

آمريڪي صدر جي اعلان بابت ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ٽرمپ جهڙا ماڻهو مسلمانن کي انسان ئي نٿا سمجهن، سمورن مسلمان ملڪن جي سربراهن کي ان معاملي تي اٿي بيهڻ گهرجي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*