جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

siraj ul haq lahore

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، سراج الحق چيو آهي ته مسلمان ملڪن جا حڪمران متحد ٿي لائحه عمل جوڙين. ٽرمپ جو اعلان ٻرندڙ تي تيل هارڻ جي برابر آهي، سندس اعلان سان عالمي امن خطري ۾ پئجي ويو آهي.

منصوري مان جاري ڪيل بيان ۾ سراج الحق چيو آهي ته ٽرمپ جي بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو شهر قرار ڏيڻ ٻرندڙ تي وجهڻ جي برابر آهي.

هن چيو ته مسلمان ملڪن جا حڪمران متحد ٿي آمرڪي فيصلي خلاف لائحه عمل جوڙين.

سينيٽر سراج الحق ترڪ صدر طيب اردگان ۽ محمود عباس طرفان آمريڪا جي اعلان کي رد ڪرڻ واري عمل جي واکاڻ ڪندي چيو ته دنيا ۾ ڪو به مسلمان ملڪ جو حڪمران اهڙي منصوبي جي حمايت نٿو ڪري گهي.

سراج الحق چيو ته عالمي برادري ۽ انصاف پسند اوڀر ۽ يورپي ملڪن کي به اهڙي عمل جي مذمت ڪرڻ گهرجي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*