حيدر آباد پوليس سال 2017 دوران 77 مقابلا ڪري 45 گينگز کي ختم ڪرڻ، 2 دهشتگرد، 16 ڀتيخور، 1293 گهربل ۽ 405 فرار جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

hyd police report

حيدر آباد پوليس سال 2017 دوران 77 مقابلا ڪري 45 گينگز کي ختم ڪرڻ، 2 دهشتگرد، 16 ڀتيخور، 1293 گهربل ۽ 405 فرار جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

حيدر آباد پوليس پاران جاري ڪيل ڪاڪردگي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته 77 مقابلن ۾ 11 ڏوهاري مارجي ويا جڏهن ته 85 زخمي ٿيا.

رپورٽ موجب، 2 دهشتگردن ، 16 ڀتيخور، 1293 گهربل ۽ 405 فرار جوابدار گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 745 مختلف قسمن جا هٿيار به هٿ ڪيا ويا.

حيدر آباد پوليس رپورٽ موجب ڇاپن دوران 41 ڦرٿيل گاڏيون هٿ ڪري 242 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*