سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ عورت سميت 3 مسافر فوت ۽ 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Accident-Road-27217

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ عورت سميت 3 مسافر فوت ۽ 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

لاڙڪاڻي ويجهو ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 مسافر فوت ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا،جن کي اسپتال نيو ويو.

رتوديرو باءِ پاس وٽ ڪراچي کان ميانوالي ويندڙ ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ مسمات شاهجهان ۽ محبوب علي فوت ٿي ويا.

زخمين ۾ ربنواز وڙائچ، عامر پٺاڻ، ساجد پٺاڻ، شاهه عالم، خان بيگ، مسمات اقرا، غلا عباس سميت ٻيا شامل آهن، جن کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

خيرپورناٿن شاهه باءِ پاس تي مزدا جو سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ورھين جو نينگر يوسف لغاري فوت ٿي ويو، سندس والد سجاد لغاري زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو.

خانپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي رحيم آباد لاڙي وٽ ڊاٽسن جو چنگچي رڪشا سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمين ۾ عبدالقادر، نويدان، فاطمه، ساجده، رخسانه، مسمات سوناري ۽ عرفان پهوڙ شامل آهن.

ڏهرڪي ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي خان فارم وٽ بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

زخمين ۾ مسمات آمنه، مسمات سڀائي، مسمات زرينه ۽ نورحسن سميت ٻيا شامل آهن.

دادو  ڀرسان مست ڪيهر شاھه وٽ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ صمند، جنسار ۽ وسيم ملاح زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*