شاهه رخ خان ۽ عاليه ڀٽ جي فلم “ڊيئر زندگي” ڀارت ۾ گوگل پلي تي مقبول ترين فلم بڻجي وئي

dear zindgi

 شاهه رخ خان ۽ عاليه ڀٽ جي فلم “ڊيئر زندگي” ڀارت ۾ گوگل پلي تي مقبول ترين فلم بڻجي وئي.

 هڪ سال اڳ رليز ٿيل هدايتڪار گوري شندي جي فلم باڪس آفيس تي خاص ڪاميابي نه ماڻي سگهي هئي پر هڪ سال کانپوءِ منفرد اعزاز حاصل ڪيو.

 فلم عاليه ڀٽ ۽ شاهه رخ خان جي پهرين گڏيل فلم آهي.

 گوگل انڊيا گوگل پلي تي سال جي سڀ کان وڌيڪ مقبول فلمن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب “ ڊيئر زندگي” کي سڀ کان وڌيڪ مقبول فلم قرار ڏنو ويو آهي.

 گوگل پلي انڊيا تي هالي ووڊ فلمون “مونا” ۽ ونڊر ويمن ” ٻئين نمبر تي آهن.

جڏهن ته رشي ڪپور جي “ کلم کلا ” ٽئين نمبر تي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*