عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته آصف زرداري ۽ طاهر القادري وچ ۾ اتحاد ٿيو ته سموري ملڪ ۾ اپوزيشن واروماحول پيدا ٿيندو

shaikh rasheed rawal pindi

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته آصف زرداري ۽ طاهر القادري وچ ۾ اتحاد ٿيو ته سموري ملڪ ۾ اپوزيشن واروماحول پيدا ٿيندو، سينيٽ اليڪشن کان پهريان ڪوئيڪ مارچ ٿي ويندو، نواز شريف ۽ شهباز شريف ڪوڙن جا آءِ جي آهن، اسحاق ڊار نواز شريف کان وڌيڪ پيسو لٽيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته سينيٽ چونڊن کان اڳ ڪوئيڪ مارچ ٿيندو،

هن چيو ته رڳو طاهر القادري نه پر سڄي قوم ڌرڻي ۾ آهي، زرداري ۽ طاهر القادري جو اتحاد ٿيو ته سڄي ملڪ ۾ اپوزيشن جو ماحول پيدا ٿيندو،

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته فضل الرحمان به آصف زرداري جيان ڪنهن نه ڪنهن شخص جي تعويز ۾ اچي ويندو،

شيخ رشيد چيو ته نوازشريف ۽ شهبازشريف ڪوڙن جا آءِ جي آهن، اسحاق ڊار نوازشريف کان وڌيڪ دولٽ لٽيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*