قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پ پ هميشه وڳوڙ ۽ روڊن واري سياست کان پاسو ڪيو آهي

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پ پ هميشه وڳوڙ ۽ روڊن واري سياست کان پاسو ڪيو آهي، طاهرالقادري سان ملاقات نئين ناهي، اڳ به رابطا ٿيا هئا، اسان 2002 ۾ مشرف خلاف گڏجي جدوجهد ڪئي، ملاقات ۾ ملڪي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ طاهر القادري وچ ۾ رابطو ٿيو آهي، طاهر القادري کيس ملاقات جي دعوت ڏني آهي.

 هن چيو ته طاهر القادري سان ملاقات نئين ڳالهه نه آهي، اڳ به رابطا رهيا آهن، 2002ع ۾ مشرف خلاف گڏ هليان آهيون،

اپوزيشن ليڊر چيو ته پيپلزپارٽي جو وفد اڄ طاهر القادري سان ملاقات ڪندو،

خورشيد شاهه چيو ته آصف زرداري ۽ طاهر القادري وچ ۾ ملاقات دوران سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون،

هن چيو ته ملاقات دوران ملڪ کي عدم استحڪام جي صورتحال مان ڪڍڻ بابت غور ويچار ڪيو ويندو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان تي رد عمل ظاهر ڪندي خورشيد شاهه چيو ته مسلمان ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي اچڻو پوندو،

خورشيد شاهه چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪردار جي ضرورت آهي، مسلمان ملڪ ۾ ڇڪتاڻ سبب يهودين کي موقعو مليو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*