قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نالي واري نوجوان ليگ اسپنر شاداب خان ان فٽ ٿي ويو آهي

shadab khan

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نالي واري نوجوان ليگ اسپنر شاداب خان ان فٽ ٿي ويو آهي،کيس گروئن انجري جي شڪايت آهي،پر چيو پيو وڃي ته سندس انجري گهڻي نه آهي.

شاداب خان قومي ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ پنهنجي فٽنس تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهيو آهي.

ذريعن مطابق شاداب خان ۽عماد وسيم هلندڙ هفتي فٽنس حاصل ڪرڻ بعد نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ سلڪيٽرز کي دستاب آهن.

شاداب خان ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ مڪمل فٽنس سان گڏ قائد اعظم ٽرافي ۾ سوئي ناردن گيس پاران ايندڙ ميچز ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.

ٻئي طرف گوڏي جي انجري جي ور چڙهيل آلرائونڊر عماد وسيم نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ بِيٽنگ بعد رننگ شروع ڪري ڇڏي آهي، سندس فٽنس ۾ بهتري اچي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*