لنڊن جي ميئر صادق خان چيو آهي ته لنڊن هڪ عظيم شهر آهي، جنهن کي اهو اعزاز ڏيڻ ۾ پاڪستانين جو وڏو هٿ آهي

Shahbaz-Sharif-111017

لنڊن جي ميئر صادق خان چيو آهي ته لنڊن هڪ عظيم شهر آهي، جنهن کي اهو اعزاز ڏيڻ ۾ پاڪستانين جو وڏو هٿ  آهي، لنڊن ۾ موجود سياستادن، استاد ۽ ڪاروباري ماڻهن جو تعلق پاڪستان سان آهي،

لنڊن جو ميئر صادق خان ڀارت جي دوري کانپوءِ واهگا بارڊر ذريعي لاهور پهتو، جتي لاهور جي ميئر ڪرنل رٽائرڊ مبشر ۽ ٻين پاران سندس شاندار آجيان ڪيو ويو.

لنڊن جي ميئر صادق خان پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف سان وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي لنڊن جي ميئر صادق خان چيو آهي ته لنڊن هڪ عظيم شهر آهي، جنهن کي اهو اعزاز ڏيڻ ۾ پاڪستانين جو وڏو هٿ  آهي،

لنڊن جي ميئر چيو ته لنڊن ۾ موجود سياستادن، استاد ۽ ڪاروباري ماڻهن جو تعلق پاڪستان سان آهي، شاندار استقبال تي وڏي وزير جو ٿورائتو آهيان

واضح رهي ته صادق خان بزنس ٽائيڪون مڪيش امباني درخان ڏنل دعوت تي ڀارت ويو هو، جتي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون.

دوري دوران امتياڀ بچن، شاهه رخ خان، ڪرن جوهر، ڪترينا ڪيف ۽ عاليا بٽ سميت بالي ووڊ جي اداڪارن سان تصويرون به ٺهرايون هيون……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*