لکي غلام شاھه جي عدالت ٻن ڌار ڌار جهيڙي ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 9 جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، ٻن ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو

lakhi gulam shah

لکي غلام شاھه جي عدالت ٻن ڌار ڌار جهيڙي ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 9 جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، ٻن ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو.

سول جج جي عدالت ڏوهه ثابٽ ٿيڻ تي جوابدار  محمد پنجل چوهاڻ ۽  عمران چوهاڻ کي اڍائي اڍائي سال قيد ۽ 40، 40 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.

عدالت جوابدار  جاويد، عرفان، عبدالله، ابوبڪر، لعل ڏنو، خادم ۽ محمد ايوب کي هڪ هڪ سال قيد ۽ 20، 20 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.

عدالت ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ٻن ڄڻن الله رکيو ۽ ابوبڪر کي بري ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*