ميهڙ ۾تعلقي اسپتال تي ڇاپي دوران سيشن جج دادو جي حڪم تي ايم ايس ۽ ٻئي عملي خلاف داخل ڪيس جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي ڀنڊ ماڙي کي مقرر ڪيو ويو آهي

Mehar-Map-Sindh-25517

ميهڙ ۾تعلقي اسپتال تي  ڇاپي دوران سيشن جج دادو جي حڪم تي ايم ايس ۽ ٻئي عملي خلاف داخل ڪيس جي جاچ  لاءِ ڊي ايس پي ڀنڊ ماڙي کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسپتال جي بنگلي تي ڊي ايس پي جو قبضو اڃان تائين ختم نه ٿيو آهي.

ٿرڊ سول جج ميهڙ جي عدالت جي ڪلارڪ روشن سومرو جي فرياد تي اسپتال جي ايم ايس اشفاق سومرو، پروگرام مئنيجر هيپاٽائيٽس ڊاڪٽر ولي محمد لغاري ۽ ڊاڪٽر زاهد شيخ سميت 27 ڄڻن خلاف ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم شامل هئڻ سبب ڪيس جي جاچ ڊي ايس پي ڀنڊ ماڙي کي ڏني وئي آهي.

ڪيس ۾ڌمڪيون ڏيڻ، اختيارن جو غلط استعمال ڪرڻ ۽ سرڪاري دوائون وڪرو ڪرڻ جا الزام هنيا ويا آهن.

ميهڙ پوليس ايم ايس اشفاق سومرو، ڊاڪٽر اختر ڳورڙ، ڪلارڪ فاروق سيال، اسٽور ڪيپر سرفراز ڪولاچي سميت گرفتار  6 ملازمن کي نوشهرو فيروز ۾دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾رمانڊ لاءِ پيش ڪيو.

جڏهن ته ميھڙ تعلقي اسپتال جي سرڪاري بنگلي تي ڊي ايس پي ميهڙ جو قبضو جج جي حڪم باوجود ختم نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*