نوشهروفيروز ۾ آبپاشي کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

nfroz

نوشهروفيروز ۾ آبپاشي کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو آهي.

سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي آبپاشي کاتي جي ملازمن  فيڊريشن جي مرڪزي چيئرمين ميان عبدالرحيم ڀارو ، اقبال احمد لاڙڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسڪارپ آفيس جي تالابندي ڪري انجنيئر آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو .

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته آبپاشي کاتي جي ملازمن سان سرڪار پاران ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي،   ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ معاهدا ڪرڻ باوجود سندن جائز مسئلا حل نه پيا ٿين.

هنن چتاءَ ڏيندي مطالبو ڪيو ته جائز مطالبا مڃيا وڃن. ٻي صورت ۾ 9 ڊسمبر تي خورشيد شاهه جي گهر آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*