نيب ڪراچي هلندڙ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته هلندڙ سال ڪرپشن ۾ ملوث 172 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو

Nab-81117

نيب ڪراچي هلندڙ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته هلندڙ سال ڪرپشن ۾ ملوث 172 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته پلي بارگين ذريعي 20 ڪروڙ 91 لک رپين کان وڌيڪ رقم واپس ڪرائي وئي.

نيب پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب هلندڙ سال 2017 دوران 258  انڪوائريون ڪيون ويون جن مان 77 مڪمل ڪيون ويون، جڏهن ته 161 انويسٽيگيشنز عمل ۾ آنديون ويون جن مان 14 حل ڪيون ويون.

نيب موجب هلندڙ سال ڪرپشن ۾ ملوث 172 ڄڻن کي گرفتار ۽  47 ڄڻن خلاف ڪرپشن ريفرنسز داخل ڪيا ويا، جڏهن ته پلي بارگين ذريعي 20 ڪروڙ 91 لک کان وڌيڪ رقم واپس ڪرائي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*