ٺل ڀرسان ڳوٺ حسن سرڪي جي رهواسين پاران پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي

thul sarki pro

ٺل ڀرسان ڳوٺ حسن سرڪي جي رهواسين پاران پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي.

ڳوٺاڻن ضمير ، زبير، رشيد  سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي هنن ايس ايڇ او تي الزام هڻندي چيو ته ايس ايڇ او بلاجواز  شاهي واهه مان مڇي مارڻ نه ٿو ڏي، توڙي اسان کي لائسنس مليل آهي.

هنن چيو ته هو پاڻ غير قانوني واهه مان مڇيون ماري رهيو آهي، ۽ اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حد جي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري، سندن روزگار ڪرڻ سميت تحفظ ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*