پاڪستان بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ واري امريڪي فيصلي کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

mamnon husain

پاڪستان بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ واري امريڪي فيصلي کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان فيصلو  واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، صدر ممنون حسين چيو آهي ته امريڪي فيصلي جي هر فورم تي مذمت ڪئي ويندي، اميد آهي ته مسلمان امت هن واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي.

ووٽرز ڊي جي موقعي تي اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب صدر ممنون حسين چيو ته اسان بيت القدس کي اسرائيل جي گادي واروهنڌ بڻائڻ واري اعلان جي مذمت ڪيون ٿا.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊ عمل کي بهتر بڻائڻ لاءِ ادارن کان سهڪار وٺي رهي آهي.

صدر ممنون حسين چيو ته ووٽنگ دوران پراڻو نظام ختم ڪري نئين ٽيڪنالاجي آندي پئي وڃي.

ممنون حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران موبائيل سافٽ ويئر نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي:

صدر ممنون حسين چيو آهي ته امريڪي فيصلي جي هر فورم تي مذمت ڪئي ويندي، اميد آهي ته مسلمان امت هن واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*