پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقاري چيو آهي ته شريف ڀائرن جي لالچ ملڪي سلامي لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي

Tahir-Ul-Qadri-15916

پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقاري چيو آهي ته شريف ڀائرن جي لالچ ملڪي سلامي لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي، ماڊل ٽائون سانحي خلاف سموريون پارٽيون گڏ آهن، نجفي ڪميشن شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله کي ذميوارن قرار ڏنو آهي،ٻنهي ڄڻن سڀاڻي تائين استعيفيٰ نه ڏني ته معاملو اي پي سي حوالي ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڌرڻا لڳا ته شريف ڀائرن جي اقتدار کي مرڻو پوندو.

لاهور ۾ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ هو ته ڪرپشن ۾ ملوث نواز شريف جمهوريت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.

طاهرالقادري جو چوڻ هو ته نواز شريف جمهوريت مخالف روين جي شروعات ڪئي آهي، ملڪ ۾ سر عام رشوت وارو دور نواز شريف شروع ڪيو، سياست ۾ ماڻهو خريد ڪرڻ وارو ڪلچر وڌو، نواز شريف کي ان جو ماضي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو.

ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته نواز شريف توهان کي پنهنجي عملن ڪڍيو آهي، ڪرپشن ڪندڙ پاڻ کي نظرياتي سڏي رهيو آهي، ڪرپشن ۾ ملوث نواز شريف ڪهڙي منهن سان جمهوريت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته اي پي سي ۾ شرڪت تي سياسي جماعتن جو ٿورائتو آهيان، ماڊل ٽائون سانحو سموري پارٽين جو گڏيل ڪيس بڻجي چڪو آهي.

طاهر القادري جو چوڻ هو ته اي پي سي ۾ 40 کان وڌيڪ سياسي جماعتون شريڪ آهن، اي پي سي جو ايجنڊا ماڊل ٽائون سانحو ۽ مون کي ڇو ڪڍيو ويو آهي، هڪ ٻئي سان اختلافن باوجود سياسي جماعتون هڪ ڇت هيٺ گڏ ٿيون آهن.

ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته ماڊل ٽائون سانحي بابت جوڙيل ڪميشن جي رپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن سالن تائين قانوني جنگ وڙهي، جنهن بعد نجفي ڪميشن رپورٽ شهباز ۽ راڻا ثناءُالله ۽ ٻين کي ذميوار قرار ڏنو.

طاهر القادري جو چوڻ هو ته  استعيفيٰ لاءِ سڀاڻي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي، سڀاڻي تائين استعيفيٰ نه ڏني وئي ته معاملو اي پي سي جي حوالي ٿيندو جنهن بعد احتجاج ۽ ڌرڻا به ٿي سگهن ٿا ۽ شريف ڀائرن جي اقتدار کي دفن ٿيڻو پوندو، دنيا جي ڪا به طاقت اوهان کي منطقي انجام تائين پهچڻ کان روڪي نٿي سگهي…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*