چين ۾ برف جو بين الاقومي ساليانو فيسٽول جاري آهي

china ice festival

            چين ۾ برف جو بين الاقومي ساليانو فيسٽول جاري آهي.

          هيانلونگيانگ صوبي  ۾ ماسڪو جي ريڊ اسڪوائر سميت مشهور عمارتن، پکين ۽ ٻين فطري نظارن جي برف مان تراشيل نمونن کي نمائش لاءِ رکيو ويو آهي.

           24 ڊسمبر کان شروع ٿيل فيسٽول  ۾شريڪ سياح فن پارن ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن.

              رپورٽن موجب هڪ لک  80 هزار ڪيوبڪ ميٽر برف فيسٽول لاءِ استعمال ٿي آهي، جنهن جو وڏو حصو سونگهئا ندي مان حاصل ڪيو ويو، جيڪا سياري جي مند ۾ مڪمل طور ڄميل رهندي آهي.

          رپورٽن موجب فيسٽول جي موقعي تي 10هزار کان وڌيڪ عملو مقرر ڪيو ويو آهي.

           آمريڪا، يمن  سميت  ٻين ملڪن توڙي مقامي سياحن پاران فن پارن  کي ساراهيو ويو.

          25 فيبروري تائين فيسٽول جاري رهندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*