ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر ٽرين اٽڪ ويجهو پٽڙي تان لهي وئي

train

ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر ٽرين اٽڪ ويجهو پٽڙي تان لهي وئي، معجزاڻي طور حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ڪراچي کان پشاور وڃي رهي هئي ته اٽڪ ۾ سٽي ريلوي اسٽيشن ويجهو انجڻ پٽڙي تان لهي وئي.

ڊرائيور جي وقت سر بريڪ هڻڻ سبب ٽرين وڏي حادثي  کان بچي وئي ۽ مسافر بوگين ۾ محفوظ رهيا.

حادثي سبب ٽرينن جي اچ وڃ متاثر ٿي وئي، ريلو انتظاميا هيوي مشيينري طلب ڪري انجڻ کي پٽڙي تي رکيو.

ريلوي انتظاميا جو چوڻ آهي ته حادثو انجڻ جو شاڪ ٽٽڻ سبب پيش آيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*