گهوٽڪي ويجهو گهڻو نشو واپرائڻ سبب نوجوان کي گهرڀاتين پاران گذريل ڪيترن مهينن کان رسن سان ٻڌڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ghotki rasan san badhal

گهوٽڪي ويجهو گهڻو نشو واپرائڻ سبب نوجوان کي گهرڀاتين پاران گذريل ڪيترن مهينن کان رسن سان ٻڌڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، نوجوان جي والد چيو ته گهڻو نشو استعال ڪرڻ سبب سندس پٽ عبدالقادر جو ذهني توازن خراب ٿيڻ ڪري کيس رسن سان ٻڌو ويو آهي.

ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي غلام قادر چيو ته پٽ عبدالقادر جي ذهني توازن خراب هئڻ ڪري گهرڀاتين سان وڙهي رهيو آهي، تنهن ڪري کيس رسن سان ٻڌو ويو آهي.

هن چيو ته غريب هئڻ ڪري پٽ جو علاج ڪرائي نٿو سگهان، تنهن ڪري منهنجي مالي مدد ڪري پٽ جي زندگي بچائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*