آمريڪا جي صدر ٽرمپ ايندڙ مهيني برطانيا جو دورو مبينا طور مظاهرن جي خوف کان ملتوي ڪري ڇڏيو

Donald-Trump

آمريڪا جي صدر ٽرمپ ايندڙ مهيني برطانيا جو دورو مبينا طور مظاهرن جي خوف کان ملتوي ڪري ڇڏيو، گذريل مهيني ليبرپارٽي سربراهه جيريمي ڪوبائن پنهنجي حامين کي مظاهرن جي هدايت ڪندي چيو هو ته ٽرمپ کي واضع پيغام ڏنو وڃي ته برطانيا ۾ هن جو استقبال نه ڪيو ويندو.

 آمريڪي صدرٽرمپ کي فيبروري ۾ 750 ملين پائونڊز جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ لنڊن ۾ سفارتخاني جي نئين عمارت جو افتتاح ڪرڻو هو، ميڊيا موجب صدر ٽرمپ پنهنجو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي آمرڪي صدر جي جاءِ تي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن برطانيا ويندو.

 هڪ اخبار پنهنجي  رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ٽرمپ پنهنجو دورو صرف ان لاءِ ملتوي ڪيو آهي ته برطانيا ۾ هن جو پرجوش استقبال نه ڪيو ويندو ۽ هو برطانيا جي راڻي سان به ملاقات نه ڪري سگهندو.

برطانوي وزيراعظم ۽  صدر ٽرمپ وچ ۾ گذريل نومبر دوران لفظي جنگ ٿي چڪي آهي، صدر ٽرمپ پاران 2 مسلمان مخالف ويڊيوز ري ٽوئيٽ ڪرڻ تي ٿريسامي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو هو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*