آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ شديد برسات بعد گَپَ جي وهڪري ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن

america barish gap

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ شديد برسات بعد گَپَ جي وهڪري   ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ملڪ جي مختلف حصن ۾ سخت سردي ۽ برسات سبب فوتين جو انگ 35 ٿي ويو، موسميات کاتي ايندڙ هفتي سامونڊي طوفان جي اڳڪٿي ڪندي تيز برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

 ڏکڻ ڪيليفورنيا ۾شديد برسات بعد مٽي جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ چيلهه تائين گپ جي وهڪري سبب 13 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو لاپتا هجڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، علائقي ۾ ڪيترائي روڊ رستا بند ٿي ويا آهن.

 سينٽا باربرا جي اوڀر روميرو ڪينيون ۾300 ماڻهو ڦاسي پيا آهن، کين ٻاهر ڪڍڻ لاءِ رسڪيو عملو امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهي.

 آمريڪي ڪوسٽ گارڊ پاران ڦاسي ويل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ جهاز موڪليا ويا آهن.

 عملدارن جو چوڻ آهي ته گذريل مهيني ٻيلي کي باهه لڳڻ سبب متاثر علائقي ۾گَپَ جي وهڪري ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ڪئي آهي.

گذريل ڏينهن 30 هزار ماڻهن کي گهر ڇڏي محفوظ هنڌن طرف منتقل ٿيڻ جو مشورو ڏنو ويو هو.

  ٻئي طرف ملڪ جي مختلف حصن ۾ شديد ٿڌ سبب ڍنڍون ڄمي ويون آهن، روڊن رستن تي برف ڄمڻ سبب روز مره جو معمول مفلوج بڻيل آهي.

 موسميات کاتي ايندڙ هفتي سامونڊي طوفان جي اڳڪٿي ڪندي تيز برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*