افغانستان جي صوبي ننگر هار ۾شدت پسندن خلاف ڪاروئي دوران 3 طالبان ڪمانڊرن سميت 32 ويڙهاڪ مارجي ويا ۽ 14 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

afghanistan

افغانستان جي صوبي ننگر هار ۾شدت پسندن خلاف ڪاروئي دوران 3 طالبان ڪمانڊرن سميت 32 ويڙهاڪ مارجي ويا ۽ 14 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

افغان ميڊيا ننگر هار جي گورنر هائوس پاران جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته ويڙهاڪن خلاف هي ڪاروائي اوڀر ننگر هار جي علائقي کوگياني ۾ اربع واري رات ڪئي وئي، جنهن ۾ 32 طالبان مارجي ويا.

سرڪاري بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ڪاروائي ۾ 3 مقامي طالبان ڪمانڊر مارجي ويا آهن ۽ ٻن موٽرسائڪلن، بارودي سرنگهن کي تباهه ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

سرڪاري بيان موجب حملي ۾ صرف هڪ آمريڪي فوجي زخمي ٿيو، کيس اسپتال ۾ طبي امداد ڏني وئي، سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*