اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته رياست جي ڪمزوري سان افرا تفري پکڙجندي آهي

khursheed shah

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته رياست جي ڪمزوري سان افرا تفري پکڙجندي آهي، قانون سڀني لاءِ برابر هئڻ گهرجي، نيب جي گهرائڻ تي ڪو پيش نه ٿئي ته پوءِ اهو نيب جي قانون جو امتحان آهي، پپيپلزپارٽي جمهوري پارٽي آهي، سسٽم ڊي ريل ٿيڻ نه ڏينداسين،

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته رياست جي ڪمزوري سان افرا تفري پکڙجندي آهي،

هن چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر هئڻ گهرجي، نيب جي گهرائڻ تي ڪو پيش نه ٿئي ته پوءِ اهو نيب جي قانون جو امتحان آهي،

اپوزيشن ليڊر چيو ته پيپلزپارٽي جمهوري پارٽي آهي، اسان سسٽم ڊي ريل نه ٿيڻ ڏينداسين،

هن چيو ته عمران خان کي استعيفيٰ جي اعلان بعد فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها،

خورشيد شاهه چيو ته استعيفيٰ جي معاملن تي تحريڪ انصاف جو ٻٽو معيار آهي، اعلان بعد عمران خان ۽ شيخ رشيد کي ڪو انتظار نه ڪرڻ گهرجي ها،

اپوزيشن ليڊر چيو ته تحريڪ انصاف 11 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ پارليامينٽ مان پگهارون ۽ مراعتون ورتيون آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*